رباعيات عمر خيام

رباعيات عمر خيام

رباعيات عمر خيام

رباعيات عمر خيام (فارسي): ٻارهين صديءَ جي فارسي شاعر، عمر خيام جي رباعين جي سڄيِءَ دنيا ۾ هاڪ آهي. سندس فارسي رباعين جو عربيءَ کانسواءِ انگريزي ۽ دنيا جي ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي. رباعيات عمر خيام جو ايڊورڊ فٽز جيرالڊ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، 1859ع ۾ ڇپرايو هو، جنهن کي سڄيءَ دنيا ۾ وڏي مقبوليت حاصل ٿي.
رباعيات عمر خيام جي 600 رباعين مان ڪيترين بابت سوال اُٿاريا ويا آهن ته اُهي سندس نه آهن. بهرحال ڪلاسيڪي فارسي شاعريءَ ۾ ’رباعيات عمر خيام‘ جو وڏو مقام آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان اڳ رباعيات عمر خيام جو ترجـمـو مرزا قليچ بيگ ڪيو. ان بعد مير علي نواز ناز، ’رباعيات خمڪده خيام‘ جي نالي سان 1930ع ۾ ترجمو ڇپايو. ان کان سواءِ شفقت حسيـن وڌي ’ٻه ٽي جام پيئڻ کان پوءِ‘ نالي سان به عمر خيام جون ڪجهه رباعيون ترجمو ڪري ڇپايون آهن، جڏهن ته عمر خيام جي ڪجهه رباعين جو انگريزي ترجمو نامور اديب ۽ مزاح نگار حليم بروهيءَ پڻ ڪيو هو. لاڙڪاڻي جي اديب پروفيسر عطاءُ الله ابڙي جو ’رباعيات عمر خيام‘ جو ترجمو تازو 2012ع ۾ پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.


لفظ رباعيات عمر خيامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو